صليبي گل

صليبي گل

صليبي گل

صليبي گل: هي گلدار ٻوٽو Passifloraceae خاندان سان تعلق رکندڙ آهي. هن ٻوٽي کي انگريزي زبان ۾ Passiflora، Passion Flowers ۽ Passion Vines جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن گل جون نو (9) جنسون آمريڪا ۾ اوهيو (Ohio) کان ٿيندي اتر- اولهه ڪئليفورنيا ۽ ڏکڻ فلوريڊا تائين ٿين ٿيون، جڏهن ته ڪي ٻيون جنسون ڏکڻ آمريڪا، اوڀر ۽ ڏکڻ ايشا ۽ نيو ورجينيا ۾ عام آهن، ۽ چئن کان وڌيڪ جنسون آسٽريليا ۽ هڪ جنس نيوزيلينڊ ۾ پڻ ٿئي ٿي. هن گل جي ساخت، ٻين عام گلن کان گهڻي حد تائين منفرد ٿئي ٿي، جنهن لاءِ ضروري هجي ٿو ته وڏيون مکيون نرٻور ۽ مادي ٻور جي چڱيءَ ريت مٽاسٽا ڪن. هن گل/ ٻوٽي جا پن اڪثر جيتن جا ڪيٽ (Larva) خوراڪ طور استعمال ڪن ٿا، تنهنڪري اهڙن جيتن خاص ڪري پوپٽ کي گل مٿان آنا لاهڻ کان روڪڻ لاءِ هن گل ۾ خاص قسم جا گولڙا (Nubs) اُڀري ايندا آهن، جيڪي بظاهر پوپٽ جي بيضن جهڙا لڳندا آهن. هي گل ڏسڻ ۾ تمام خوبصورت ۽ پرڪشش ٿين ٿا، گل جي مٿان ننڍا ننڍا وار ٿين ٿا، جن مان هڪ چنبڙائيندڙ زهريلو مادو خارج ٿئي ٿو. هي پرڪشش گل هئڻ سبب ڪافي جيت هن گل ڏانهن متوجه ٿين ٿا ۽ خارج ٿيل مادي سبب ڦاسي پون ٿا، جنهن بعد هي گل انهن جيتن مان سڄي قوت حاصل ڪري وٺندا آهن. انهن گلن کي عام طور ’موتمار گل‘ ۽ ’صليبي گل‘ چيو وڃي ٿو. هيءُ گل ڏهن پنن جو مرڪب ٿئي ٿو، جيڪو عموماً واڱڻائي رنگ جو ٿئي ٿو. هيءُ گل عام باغن بجاءِ وڏن ۽ گهاٽن جهنگلن ۾ قدرتي طور ڦٽي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو